سنتداس ڀاٽيه ناز

سنتداس ڀاٽيه ’ناز‘: سنتداس ناز پٽ رامچند ڀاٽيه شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن شڪارپور ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ صحافت ۾ پير پاتو ۽ هفتيوار اخبارشڪارپور گزيٽ‘ جاري ڪيائين. هيءُ ’هريش چندر ساهتيه منڊل شڪارپور‘ جو آنرري سيڪريٽري به ٿي رهيو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان هليو ويو ۽ اتي رهڻ لڳو،
پاڻ هڪ شاعر به هو، سندس هڪ نظم ملي ٿو، جو هن ڪوئيٽا جي زلزلي بابت لکيو هو. ان جا ڪجھه بند نموني طور ڏجن ٿا:
ڪيو قدرت قهر قهري اچانڪ شهر سان ڀاري،
پلڪ ۾ ٿي وئي پر لئه، غضب ڪوئيٽا ۾ انڌڪاري،
بجه ٽي رات مئي ايڪٽيهه ستل جڏ شهر هو سارو،
ڀيانڪ ڀونڪپ پاتو شهر پيرو ٿي غمساري.


هن صفحي کي شيئر ڪريو